هر اک آلي ڪندڙ ڏينهن جي واپسي!



هر اک آلي ڪندڙ ڏينهن جي واپسي!
شرجيل انعام ميمڻ
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا ڏينهن آهن، جيڪي جڏهن به ياد ايندا آهن، اکيون ڀرجي اينديون آهن. 18 آڪٽوبر 2007ع خميس به هڪ اهڙو ئي ڏينهن هو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني بعد پاڪستان واپس آئي هئي. ساڻس گڏ صحافين کان علاوه 200 پارٽي جا ڪارڪن به ها. سندس ڪراچي آمد جي موقعي تي سندس لکين مداح سموريون رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجي هر دل عزيز اڳواڻ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ پهچي ويا هئا. محترم بينظير ڀٽو شهيد کي اندازو هو ته جمهوريت ۽ سندس دشمن پاڪستان ۾ سندس آمد کي پسند نٿا ڪن ۽ سندس جان کي شديد خطرا ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن انديشن باوجود محترمه بينظير ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي عوام جي والهانه محبت ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ پاڪستان واپس آئي
.
18 آڪٽوبر تي جڏهن جمهوريت جي متوالن جو قافلو ڪراچي ايئرپورٽ کان شاهراه فيصل طرف هلي رهيو هو ته محترمه بينظير ڀٽو جيڪا ٻين اڳواڻن سان گڏ هڪ ٽرڪ تي سوار هئي، ان ڏينهن عوام جي پرجوش نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ بلند ٿي ۽ پرخلوص مسڪراهٽ سان گڏ عوام جي نعرن جو جواب ڏنو لکين ماڻهن جو اهو قافلو تمام آهستي آهستي مزار قائد طرف وڌڻ لڳو. باني پاڪستان جي مزار تي محترمه بينظير ڀٽو کي جلسو عام کي خطاب ڪرڻو هو، جڏهن اهو قافلو ڪارساز تي پهتو ته ٻن آپگهاتي بمبارن پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو. انهن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 140 جي ويجهو بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. تنهن هوندي به اهو هڪ معجزو هو ته بينظير ڀٽو معجزاڻي طور تي مڪمل محفوظ رهي ۽ کيس فوري طور بلاول هائوس منتقل ڪيو ويو. ان وقت جي سي سي پي او ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن ڌماڪن جو بنيادي نشانو محترمه بينظير ڀٽو هئي.
پاڪستان ۾ آپگهاتي بم ڌماڪا ڪا نئين ڳالهه نه هئي پر محترمه بينظير ڀٽو جي ريلي تي بم ڌماڪو انتهائي ڳڻتي وارو هو. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ڪراچي آمد، اٺ سال جلاوطني بعد سندس وطن واپسي جمهوري قوتن جي هڪ ڪاميابي جي نشاني هئي. جنرل مشرف جي آمراڻي پاليسين ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو هو. عوام روزگار گهري پيو. پاڪستان جو عوام ملڪ ۾ امن جو خواهشمند هو. جمهوريت پسند ملڪ ۾ جمهوريت چاهين پيا. محترمه بينظير ڀٽو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف هئي. عوام سندس صورت ۾ هڪ روشن، امن پسند، انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي خوف کان آزاد ملڪ ڏسي رهيا هئا. هوءَ ڪروڙين ماڻهن جي اُميدن جو مرڪز هئي. سندس جلوس تي حملو ڪندڙ کيس ڊيڄارڻ گهرن پيا. جمهوريت جي دشمنن سندس ريلي تي حملو ڪيو هو. انتهاپسند ۽ دهشت پسند هن ملڪ ۾ دهشت جي فضا کي برقرار رکڻ گهرن پيا. بينظير ڀٽو جي آمد کان اُهي ڊنل هئا. بم ڌماڪن جي ذريعي هو پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ گهرن پيا. هن ملڪ ۾ جمهوريت جا متوالا پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا ڪارڪن ڪڏهن به ظالمن ۽ دهشتگردن جي هٿڪنڊن کان ڊنل نه هئا ته محترمه بينظير ڀٽو کانئن ڪيئن پئي ڊڄي سگهي. محترمه جمهوريت تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي پر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان شڪست نه مڃي.
اها هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ڪو ڌماڪو ٿيندو آهي ته ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ويندا آهن، پر سانحه ڪارساز ۾ جڏهن پهريون ڌماڪو ٿيو ته جان نثارانِ بينظير ڀٽو پنهنجون پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ نه ڀڳا، پر اُهي پنهنجي هر دلعزيز ليڊر جي ٽرڪ طرف وڌيا ته جيئن سندس جان جي حفاظت ڪن. پنهنجي قائد کي بچائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ڪارڪنن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪئي پر پنهنجي جان قائد جمهوريت بينظير ڀٽو تان نڇاور ڪري ڇڏي.
18 آڪٽوبر جي سانحي کي 4 سال گذري ويا آهن اڄ به ان واقعي جي ياد دلين ۾ تازي آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اُڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو قافلو پنهنجي منزل طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪنن ۽ جمهوريت جا متوالا پروانن جيان شمع جمهوريت جي آسپاس جمع آهن. سانحه ڪارساز هڪ سوچيل سمجهيل سازش جو حصو هو. 18 آڪٽوبر تي ڌماڪن سان شروع ٿيندڙ ناپاڪ سازش راولپنڊي جي جلسي عام 27 ڊسمبر 2007ع تي پنهنجي بدترين ڀوائتي روپ ۾ سامهون آئي، جڏهن محترمه بينظير کي انتهاپسندن شهيد ڪري ڇڏيو. مشهور فلاسفر افلاطون ڇا ته خوب چيو آهي ته، ”دنيا عاقل جي موت تي ۽ جاهل جي زندگي تي هميشه ڳوڙها وهائيندي آهي.“
سانحه ڪار ساز جي مذمت سڄي دنيا مان ٿي، آمريڪا، يورپ ڇا پر دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جمهوريت کان ۽ انسانيت جي حامين ان المناڪ سانحي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ 140 جي ويجهو معصوم انسانن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي ۽ 500 جي ويجهو زخمي ٿيا. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو دور پروان چڙهيو آهي. صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ جمهوري ادارن کي استحڪام حاصل ٿيو آهي. سمورا ادارا پنهنجي آئيني دائري ۾ رهندي ملڪ جي ترقي لاءِ سرگرم آهن. پاڪستان ۾جمهوريت جي بحالي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قربانين جو ڪو مثال نٿو ملي. دنيا ۾ جڏهن به جمهوريت جي تاريخ رقم ڪئي ويندي ته محترمه بينظير ڀٽو جو بي مثال ڪردار ۽ سانحه ڪارساز کي سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. وقت گذرندو رهندو آهي. ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن، پر ڪجهه شخصيتون ۽ واقعا اهڙا هوندا آهن جيڪي تاريخ جي ورقن تي پنهنجا نه مٽجندڙ نقش ڇڏي ويندا آهن. سانحه ڪار ساز به پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جڏهن جمهوريت جي قافلي تي جمهوريت جي دشمنن حملو ڪري ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اچو اسان سڀ ان موقعي تي اهو عهد ڪريون ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل کي هٿي وٺرائڻ ۽ ادارن جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيون. پاڪستان کي اهڙي مضبوط پاڪستان ۾ تبديل ڪنداسين جنهن جو خواب قائد اعظم محمد علي جناح، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو هو. جنهن لاءِ بي شمار قربانيون ڏنيون ويون هيون، اچو اسان صدر مملڪت آصف علي زرداري جا هٿ مضبوط ڪيون ته جيئن شهيدن جي خوابن جي ساڀيان ٿي سگهي.

Popular posts from this blog

Young achievers

The Indus Water Treaty and the World Bank

Budget 2017-2018: an anodyne view