الوداع اي مادرِ جمهوريت الوداع
شرجيل انعام ميمڻ
مادرِ جمهوريت، مادرِ عوام ۽ پاڪستان جي عظيم محسنه بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي سيني ۾ بيشمار ڏک کڻي هن فاني جهان مان رخصت ٿي وئي.
23 مارچ 1929ع تي ايران جي شهر اصفهان جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ نصرت اصفهاني پاڪستان جي لاءِ جيتريون قربانيون ڏنيون ۽ جيترا ڏک سٺا، هي ڌرتي سندس اهو قرض ڪڏهن به نه لاهي سگهندي! تاريخدان اها حقيقت پنهنجي ڳوڙهن سان لکندا ته  پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڪوڙن ۽ سياسي بنيادن تي ٺاهيل ڪيسن ۾، بيگم نصرت ڀٽو کي آخري ساهن  تائين وارنٽ ۽ سمن جاري ڪندي رهي!  بيگم نصرت ڀٽو جو اصفهان جي حريري خاندان سان تعلق هو ۽ سندس ڏاڏي ڪرد هئي. اهو ئي سبب آهي ته مزاحمت جي روايت سندس خون ۾ شامل هئي. 8 سيپٽمبر 1951ع ۾ڪراچيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس شادي ٿي. ڀٽو خاندان پڻ آزادي ۽ عوام جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي فخر لائق تاريخ رکندڙ هو. بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي واحد عورت هئي جنهن جو سهرو، جنهن جو ور ۽ جنهن جي ڌيءَ وزير اعظم جي منصب تي فائز رهيا ۽  هوءَ هڪ صدر جي سس هئي. 14 آگسٽ 1973ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين هو پاڪستان جي  خاتون اول رهي.
جيتوڻيڪ سندس ساهرا توڙي والدين رائل فيمليز سان تعلق رکندڙ هئا، پر هن پاڪستان جي ميدانن ۽ روڊن تي پاڪستان جي عوام جي لاءِ جمهوري حقن جي ويڙهه وڙهي ۽ جيلن جي گهٽ  ٻُوسٽ واري ۽ بدبودار ماحول ۾ وقت گذاريو. ڀٽو صاحب جي شهادت کان ڪجهه وقت پوءِ ، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي هڪ تعزيتي جلسي کي خطاب ڪندي، هن اعلان ڪيو هو ته جيستائين عوام ۽ جمهوريت جا دشمن موجود آهن، تيستائين هوءَ چين سان نه ويهندي ۽ ان جدوجهد ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندي. 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ قائم ڪئي ۽ بيگم نصرت ڀٽو ان جي پهرين صدر چونڊي وئي. هن پارٽي جي ان ذيلي تنظيم کي منظم ڪيو ۽ پنهنجي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪئي.  5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، مارشل لا لڳايو ته بيگم نصرت ڀٽو مارشل لاکي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو.  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس يعقوب خان سندس درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ضياءُ الحق کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ۽ هن چيف جسٽس يعقوب خان کي غير آئيني طورسندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس انوارالحق کي چيف جسٽس بڻايو ويو. ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رياست جي وڪيل اي ڪي بروهي ان وقت آفريڪا جي بيٺڪي ملڪ رهوڊيشيا ۾ مارشل لا جي جواز طور گهڙيل نظريهء ضرورت کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. سپريم ڪورٽ نظريهء ضرورت جي بنياد تي پاڪستان ۾ مارشل لا کي جائز قرار ڏنو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ رهوڊيشيا جي نظريهء ضرورت کي تسليم ڪيو ويو پر ساڳي سال رهوڊيشيا ۾ نظريهء ضرورت ختم ٿي ويو. بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۾ عدالت جيڪو فيصلو ڏنو ان کي عوام ۽ انتهائي بي جواز قرار ڏيئي رد ڪري ڇڏيو. بيگم نصرت ڀٽو ڪيس جو فيصلو تاريخ ۾ هميشه پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت خلاف تمام وڏي زيادتي ۽ ناانصافي طور ياد رکيو ويندو.
هڪ دفعو بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جيل ۾ ڀٽو صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويئي ته ڀٽي صاحب کانئس پڇيو ته ٻاهر ڇا پيو ٿئي بيگم صاحب جواب ڏنو ته، ”ذ لفي ! توهان ٻاهر بالشويڪ پارٽي ڇڏي ڪونه آيا هئا؟“. واضع رهي ته بالشويڪ پارٽي 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب برپا ڪيو هو. بيگم صاحبه جو مطلب هو ته پيپلز پارٽي ڪا هٿيار بند جدوجهد ڪندڙ انقلابي پارٽي نه آهي. ان جي باوجود بيگم نصرت ڀٽو انهيءَ پر امن جمهوري پارٽي ذريعي ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي، جيڪا هن خطي جي تاريخ جي عظيم مزاحمتي تحريڪ هئي. مادرِ عوام بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي سيني ۾ ايترو ته گهڻو غم سمائي هن دنيا مان رخصت ٿي آهي جو سندس موت تي پاڪستان جي فضا تي به اوترو ئي گهڻو غم ڇانيل آهي. پاڪستان جو عوام ايران جي هن خاتون جا احسان نه لاهي سگهندو. الوداع اي مادرِ عوام الوداع، الوداع اي مادرِ جمهوريت الوداع! اوهان جي مظلوميت تي تاريخ روئيندي رهندي.

Comments

Popular posts from this blog

Young achievers

The Indus Water Treaty and the World Bank

Budget 2017-2018: an anodyne view