Posts

Showing posts from November, 2011
Image
ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ايم ڪيو ايم جا مطالبا حميرا علواڻي 6 آگسٽ 2011ع تي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ڌار سرشتو ۽ سنڌ جي باقي ضلعن جي لاءِ ڌار سرشتو لاڳو ڪيو ويو هو، پر سنڌ جي عوام جي شديد احتجاج کانپوءِ 7 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ وري ناظمن وارو سرشتو آرڊيننس ذريعي نافذ ڪيو ويو هو. ان آرڊيننس جو مدو 5 نومبر 2011ع تي ختم ٿيو ۽ 9 آگسٽ 2011ع جي رات، سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ پراڻي مڪاني ادارن واري نظام  1979ع جي ٻيهر بحالي جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا، جنهن تحت ملير سميت ڪراچي جا 5 ضلعا بحال ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي جي پراڻي تاريخي  حيثيت بحال ڪو نه ٿي سگهي، جنهن ڪري حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ضلعا برقرار رهندا!!